ڀٽائي سيد غلام شاهه وارو قلمي رسالو

ڀٽائي، سيد غلام شاهه وارو قلمي رسالو: سيد غلام شاهه ڀٽائي راڳائي هو ۽ پوئين ويجھڙائيءَ واري دور ۾ شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪيائين. شاهه صاحب پاڻ هڪ رسالو لکايو، جنهن ۾ ڪن بيتن ۾ سٽن جون پڙهڻيون پاڻ پنهنجي خيال موجب ڏنائين. ترتيب ساڳي بمبئي ڇاپي واري رکيائين ۽ بيتن ۽ واين جو تعداد به تقريباً ساڳيو رکيائين: مثلاً: (1283هه بمطابق 1866ع واري) بمبئي ڇاپي ۾ 4071 بيت ۽ 237 وايون آهن ته غلام شاهه واري نسخي ۾ 4123 بيت ۽ 248 وايون ڏنل آهن. اندازاً 1964-1970ع وارن سالن ۾ اهو رسالو لکايائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو